133

مراد علي شاهه جو شوڪت ترين سان رابطو، 32 ارب روپين جي غيرقانوني ڪٽوتي جو معاملو اٿاري ڇڏيو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان رابطو ڪري سنڌ جي حصي مان32 ارب روپين جي غيرقانوني ڪٽوتي ڪرڻ جو معاملو  اٿاري ڇڏيو، جنهن تي ناڻي واري وزير اهو معاملو  نبيرڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي آهي. ان  سلسلي ۾ ڇنڇر تي اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙي سان گڏ ان جا نامزدگي وارا ڪاغذ داخل ڪرائڻ کان پوءِ  ميڊيا سان ڳالھھ ٻولهه ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ جي حصي جا 32 ارب روپيا ڪٽڻ واري معاملي تي منهنجي وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان ڳالھھ ٻولهه ٿي آھي. ھن چيو ته سنڌ جو  ايترو وڏو ناڻو ڪٽڻ جو ٻڌي شوڪت ترين پاڻ به حيران ٿيو ۽ ھن مون کي مسئلي کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آھي. ھن چيو تھ اسان ان معاملي تي سومر ڏينھن رٿيل ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين ۽ ان مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ تجويز ڪيل ترميمن بابت سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو تھ اپوزيشن پارٽين جھڙوڪ جماعت اسلامي، پي ايس پي ۽ ٻين سان ڪيل وعدا پورا ڪيا ويندا. اسان سومر تي ڪابينا اجلاس ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين ۽ پوءِ قانون وارو مسودو اسيمبليءَ ڏانھن موڪليو ويندو. لانگ مارچ جي حوالي سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تھ بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ 27 فيبروري تي مزار قائد کان لانگ مارچ شروع ٿيندو ۽ 8 مارچ تي اسلام آباد پھچندو جتي 9 مارچ تي عام جلسو ٿيندو ۽ ساڳئي ڏينھن اسان ۽ سنڌ جو صدر نثار کھڙو سينيٽ اليڪشن لاءِ واپس اينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ وڌيڪ چيو تھ اسان جي حڪومت ڪراچيءَ جي عوام جي سھڪار سان دھشت گردي جو انت آندو ۽ ھاڻ ٻيھر حڪومت اسٽريٽ ڪرائم کي ھڪ چئلنج طور ورتو آھي ۽ حڪومتي رٽ بحال ڪرڻ لاءِ ان جو پڻ خاتمو ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو تھ ڪراچيءَ ۾ معاشي بدحالي سبب اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ ٿي آھي پر صوبائي حڪومت جي سربراھھ طور صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ منهنجي ذميواري آھي. ھن چيو تھ مون سٽي پوليس ۾ ڪجھھ تبديليون ڪيون آھن ۽ امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ صحافي اطھر متين جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا پيا وڃن. مختلف يونيورسٽين ۾ھاڻوڪن ڪجھھ واقعن بابت  سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ ٻن يونيورسٽين جي انتظاميا ۾ تبديليون ڪري چڪو آھيان ۽ وڌيڪ اپاءَ وٺي رھيو آھيان. ھن چيو تھ اسان جون يونيورسٽيون اھم آھن ۽ مان اتان جي تعليمي ماحول کي ڪڏھن بھ خراب ٿيڻ نھ ڏيندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو