81

افغانستان ۾ جاري انساني بحران کي روڪڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي: وزير اعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ جاري انساني بحران کي  روڪڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي، وزير اعظم عمران خان ۽ آسٽريليا جي چانسلر ڪارل نيها ۾ ٽوئيٽ تي رابطو ٿيو،وزير اعظم عمران خان کيس پاڪستان دوري جي دعوت ڏني، آسٽريليا جي چانسلر ڪارل نيها جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ۽ منهنجي ڳالهه ٻولهه بهترين رهي، افغانستان جي صورتحال ۽ انساني امداد تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان ٻن طرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو، اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، افغانستان کي مستحڪم ڪرڻ تي پڻ ڳالهايو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو