101

سپريم ڪورٽ ۾ جوڊيشل اختيارن بابت ڪاميٽيون قائم،جسٽس فائز عيسيٰ کي به ذميواريون مليون

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انتظامي ۽ جوڊيشل اختيارن بابت ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن،سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس عمر عطا بنديال بلڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه ميمبرن ۾ شامل آهن، جاري ڪيل جاري  ڪيل پڌرنامي موجب بلڊنگ ڪاميٽي سپريم ڪورٽ عمارت، ججز گيسٽ هائوسز ۽ ٻين معاملن کي ڏسندي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ ريسرچ سينٽر افيئرز ڪاميٽي جو انتظامي جج مقرر ڪيو ويو آهي، ريسرچ سينٽر افيئرز ڪاميٽي ۾ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لا ڪلارڪ پروگرام ڪاميٽي جو سربراهه هوندو، جڏهن ته لا ڪلارڪ پروگرام ڪاميٽي ۾ جسٽس مظهر عالم ميان خيل به شامل هوندو، اها ٻه رڪني ڪاميٽي لا ڪلارڪن کي مقرر ڪرڻ بابت سفارشون ڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو