103

آصف علي زرداري سان شهباز شريف جي ملاقات، وزير اعظم کان اڳ اسپيڪر خلاف ميدان ۾ لهڻ جو مشورو، (ن) ليگ مهلت گهري ورتي

لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  سان مسلم ليگ (ن) جي صدر  شهباز شريف جي ملاقات،  بي اعتمادي  تحريڪ سميت ٻين آپشنز تي ڳالهه ٻولهه پيپلزپارٽي وزير اعظم کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ميدان ۾ لهڻ جو مشورو ڏنو، مسلم ليگ (ن) حۡڪومت جي ڏهه کان 15 ناراض ميمبرن جي استعيفيٰ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن تي پيپلزپارٽي قيادت خدشن جو اظهار ڪيو، (ن) ليگ پيپلزپارٽي جون تجويزون نواز شريف آڏو رکڻ جو يقين ڏياريو، رپورٽ موجب مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف وفد سان گڏ لاهور ۾ بلاول هائوس پهتو، جتي آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي ٻين اڳواڻن سندس استقبال ڪيو، ملاقات ۾ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ، يوسف رضا گيلاني، راڻا ثناالله، خواجه آصف ۽ مولانا اسد محمدو مجود هئا،ملاقات ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال  بي اعتمادي تحريڪ ۽ ٻين آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو، ذريعن موجب ملاقات دوران مسلم ليگ (ن) حڪومت جي 10 کان 15 ناراض ميمبرن جي استعيفيٰ جي تجويز پيش ڪئي  ۽ چيو ته جيڪڏهن ناراض حڪومتي ميمبر استعيفيٰ ڏين ته    حڪومت سادي اۡڪثريت وڃائي ويهندي ۽ اپوزيشن بي اعتمادي تحريڪ جي بدران وزير اعظم کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو مطالبو ڪندي، زريعن موجب (ن) ليگ جي تجويز تي پيپلزپارٽي خدشن جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته اسپيڪر ناراض حڪومتي ميمبرن جي استيعفي قبول نه ڪئي ته ناڪامي ٿيندي، هن وقت اپوزيشن جي سياست ۽ ساک داءُ تي لڳل آهي، اسان کي گهڻو سوچي سمجهي ۽ ڦوڪي ڦوڪي ۡحڪومت خلاف فيصلو ڪرڻو پوندو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي وزي اعظم کان اڳ اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي تحريڪ آڻڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته اسپيڪر کي هٽائڻ کانسوا وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ ۾ مشڪلاتون ٿينديون ڇو ته وزير اعظم جي خلاف اعتماد جي ووٽ جو معاملو به ٿيو ته تڏهن به اسپيڪر اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پيپلزپارٽي مشورو ڏنو ته سڀ کان پهريان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خلاف ميدان ۾ لهڻ گهرجي، جنهن تي (ن) ليگ پيپلزپارٽي جي تجويز پارٽي قائد نواز شريف آڏو رکڻ جو يقين ڏياريو، جنهن کانپوءِ (ن) ليگ وفد روانو ٿي ويو، هوڏانهن ملاقات جو پڌر نامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو وي آهي ته ملااقات ۾ اڳواڻن بي اعتمادي تحريڪ جي حوالي فيصلائتي قدم تي مشاورت ڪئي، مهانگائي عوام جا گهر ساڙي رهي آهي، حڪومت کي گهر موڪلي عوام کي ان ظلم کان بچائي سگهجي ٿو، گڏيل پڌرنامي موجب اڳواڻن اتفاق ڪيو ته عوام جي خواهش پوري ڪرڻ جي لاِءِ مشاورت سان ڪم ڪنداسين، ۽ جلد رزلٽ ڏينداسين، آصف علي زرداري شهباز شريف، مولانا فضل الرحما ۽ بلاول ڀٽو جي گڏيل ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات اڄ منجهند شهباز شريف جي رهائشگاهه تي ٿيندي، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته آمريت کي پيڪا ترميمي قانون جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کي ڪري ميڊيا ۽ اظهار راءِ جو آزاديون کسيندڙ حڪمرانن کان اقتدار کسينداسين، ملاقات ۾ اڳواڻن ملڪ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، اظهار ڪندي چيو ته حڪومت عوام جي جان، مال ۽ بنياد ضرورتون پوريون ڪرڻ ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو