124

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاران اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 39 استادن کي ڇنڊ ڇاڻ بعد نوڪريون ڏيڻ جو حڪم

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2013ع دوران اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 39 استادن کي ڇنڊ ڇاڻ بعد نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، حيدرآباد، بدين ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن سان تعلق رکندڙ اميدوارن خليل احمد، علي عزيز، اسدالله چانڊيو وڪيلن زين العابدين سهتو، نديم رند ۽ ڪامران جهيجو معرفت ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون هيون، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته 2013ع دوران اين ٽي ايس ذريعي جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ پاس ٿيڻ باوجود نوڪريون نه ڏنيون ويون، تازو سنڌ سرڪار 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ اسان کي به ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد گريوينسي ڪميٽي کي حڪم ڏنو ته درخواستگذارن جي ٻيهر ڇنڊ ڇاڻ ڪري اهليت جي بنياد تي کين آفر آرڊر ڏيئي ٻن مهينن دوران رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو