97

ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال امن ڏانهن منتقل ٿئي پئي، شهيدن جي قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آپريشن ردالفساد کي 5 سال مڪمل ٿي ويا،آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجود پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دهشگردي خلاف ڊگهي جنگ جي ثمرن کي مستحڪم ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال امن ڏانهن منتقل ٿئي پئي، شهيدن جي قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا،آپريشن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي باقيات کي ختم ڪرڻو آهي، آپريش ردالفساد سان پاڪستاني عوام کي تحفظ مليو آهي، پاڪستاني عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ اسانجو مقصد آهي، امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته آپريشن ردالفساد جون ڪاميايون شهيدن جي خون ۽ عوام جي جذبي سان ممڪن ٿيون آهن، اسان شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو