87

سياسي ساک کي سامهون رکندي ملڪي مفادن ۾ فيصلا ڪنداسين: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب اسيميبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان وفاقي وزير صاحبزاده محبوب سلطان ۽ ايم اين اي امير سلطان ملاقات ڪئي، ان دوران موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري پرويز الاهي چيو ته سياسي ساک کي سامهون رکندي ملڪي مفادن ۾ فيصلا ڪنداسين،سياسي عمل جي ڪري رابطا سڀني سان هوندا آهن، فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو،جيڪو ملڪي مفاد ۾هوندو اهو ڪنداسين، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر عوامي خدمت تي يقين رکو ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو