اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملاقاتن سان ڪجهه نه ٿيندو، فوج واضع ڪري ڇڏيو آهي ته چونڊيل حڪومت سان گڏ آهي، اسلام آباد پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بي اعتمادي تحريڪ جي لاءِ 172 ميمبرن کي آڻڻ اپوزيشن جو ڪم آهي، وڏي شوق سان ڀلي اسلام آباد اچو، ڪجهه نه ملندو، جڏهن به حڪومت مخالف تحريڪ هلي ته کين نتيجو خواهش مطابق ناهي مليو، ساڍن 3 سالن کان چئي رهيا آهن ته اچون پيا، 23 مارچ تي اپوزيشن نه ايندي، ملاقاتن سان ڪجهه به نه ٿيندو،اليڪشن ۾ هڪ سال ته رهجي ويو آهي، اهي ناڪام ٿيندا، عمران خان سرخرو ٿيندو، ان کي ڪنهن فون ڪال جي ضرورت ناهي، مخالف ڌر کي فون ڪال ايندي ۽ چوندا ته ڪرونا ٿي ويو آهي، هوڏانهن وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد حۡڪومت کي جهانگير ترين سان ڳالهين جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته عمران خان ۽ جهانگيرترين پراڻا ساٿي آهن، دوستن ۾ اختلاف ٿيندا آهن، جهانگير ترين ذميوار ماڻهو آهن اميد ته ذميواري جو ثبوت ڏيندو.
