93

پيڪا آرڊيننس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم، حڪومت کي نوٽيس جاري

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) جي سيڪشن 20 تحت گرفتاريون نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پي ايف يو جي طرفان پيڪا آرڊيننس خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پي ايف يو جي طرفان عادل عزيز قاضي ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته سينيٽ جو اجلاس 17 فيبروري تي ختم ٿيو ۽ 18 فيبروري تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، اجلاس رڳو آرڊيننس آڻڻ لاءِ ملتوي ڪيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهڙيون ڪهڙيون حالتونن هيون جو جنهن جي بنيا تي هي آرڊيننس جلدي ۾ جاري ڪيو ويو؟، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي اڳ ۾ ئي ايس او پيز جمع ڪرائي چڪي آهي، ايس او پيز موجب سيڪشن 20 تحت ڪنهن به شڪايت تي ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ۽ گهرو سيڪريٽري ذميوار هوندا، عدالت پيکا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ايف يو جي جي درخواست تي صدارتي آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف درخواست تي اٽارني جنرل کي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته عوامي نمائندي لاءِ عزت کي ڇيهو رسائڻ جو ڪو به قانون نه هجڻ گهرجي، جسٽس اطهر من الله چيو ته زمبابوي ۽ يوگنڊا به عزت کي ڇيهو رسائڻ کي فوجداري قانون مان ڪڍي ڇڏيو آهي، وڪيل پي اي ايف يو جي عادل عزيز چيو ته جيڪو پاڻ کي عوامي نمائندو سڏائي ٿو ان کي به تنقيد کان نه گهٻرائڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف پي ايف يو جي جي درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو