101

سنڌ ۾ چوٿين کان اٺين جماعت جا امتحان 2 مئي کان ۽ نائين، ڏهين جا امتحان 17 مئي کان ٿيندا

اڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ چوٿين کان اٺين جماعت جا امتحان 2 مئي کان ۽ نائين، ڏهين جا امتحان 17 مئي کان ٿيندا، رپورٽ موجب سنڌ جي تعليم واري  صوبائي وزير سردار شاهه جي سربراهي ۾ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو،جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري  ۽ سيڪريٽري ڪاليجز خالد حيدر شاهه ۽ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جا ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڇوٿين کان اٺين جماعت جا امتحان 2 مئي کان ۽ نائين، ڏهين جا امتحان 17 مئي کان ٿيندا، جڏهن ته فرسٽ ايئر ۽ سيڪينڊ ايئر جا امتحان 15 جون کان ٿيندا، اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين ٿينديون، ان دوران پهرين جولاءِ کان 31 جولاءِ تائين هاءِ اسڪولن ۾ داخلا ٿيندي نئين تعليمي سال جا ڪلاس پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندا، جڏهن سياري جون موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو