100

روس ۽ يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، يوڪريني بچاءُ وزير پاران فوجين کي جنگ لاءِ تيار رهڻ جو حۡڪم

ڪيو(م ڊ) روس ۽ يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ  وڌي وئي،  يوڪريني بچاءُ وزير پنهنجن  فوجين کي جنگ لاءِ تيار رهڻ جو حۡڪم ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب يوڪرين بچاءُ واري وزير اوليڪسي ريزنيڪوف هڪ ويب سائيٽ تي جذباتي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته مشڪلاتون ٿينديون، نقصان ٿيندو، درد کي برداشت ڪرڻو پوندو، خوف ۽ مايوسي تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو،روس خلاف يقيني فتح ٿيندي، پيوٽن پنهنجو اصلي ڪردار ڏيکاري ڇڏيو آهي، هو آزاد دنيا کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿو، پيوٽن يوڪرين جي ٻن علائقن کي آزاد رياست تسليم ڪرڻ جي لاءِ حڪم نامي تي پڻ صحيح ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن  يوڪرين جي  سفير پاران وزير اعظم عمران خان کي معاملن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي اهي، سندس چوڻ آهي ته روس يوڪرين تي حملو ڪري قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنگ جو بهانو بڻائي فالس فليت آپريشن ڪري سگهي ٿو، پاڪستان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو