81

روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو، ڪيترائي اهم ٺڪاڻا ۽ 2 جنگي جهاز تباهه، 40 فوجين سميت 50 ماڻهو مارجي ويا

ماسڪو ( م ڊ ) روس پنهنجي پاڙيسري  ملڪ ۽ اڳوڻي سويت رياست يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يوڪرينجا ڪيترائي اهم فوجي ٺڪاڻا ۽ 2 جنگي جهاز تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته  40 فوجين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي پڻ ويا آهن. روس اهي حملا  اربغا ۽ خميس واري رات اٽڪل 5 وڳي ڌاري ڪيا. روسي فوج يوڪرين جي گادي واري شهر  ڪئيو ۽ خارخيو جي ملٽري ڪمانڊ سينٽرن تي ميزائلن سان حملا ڪيا. يوڪرين جي شهري آبادي کي پڻ نشانو ڪيو ويو، جنهن ۾  8 شهري فوت، 9 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. روسي فوج يوڪرين جي سرحدي علائقن ماريوپول ۽ اڊيسا ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ داخل ٿيڻ لاءِ اڳڀرائي ڪري رهي آهي. روس جي حملان سان يوڪرين جي تباهه ٿيل هڪ جهاز  ۾ 14 ڄڻا ۽ ٻي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، اڊيسا ۾ حملن سبب 10 عورتون ۽ 8 مرد مارجي ويا. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ يوڪرين جي شهرين جي لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي، رات کان ئي  پيٽرول پمپن ۽ اي ٽي ايمز تي قطارون لڳي ويون. روسي بچاءُ واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسين شهري علائقن  تي ميزائلن ۽ توپن سان حملا نه پيا ڪريون،  رڳو يوڪرين جي ملٽري انفراسٽرڪچر، ايئر ڊفينس ۽ ايئر فورس تي ئي حملا ڪريون پيا. ان کان اڳ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن رات جو دير سان ٽي وي تي خطاب ڪندي يوڪرين تي حملن جو اعلان ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين روس جي ان مطالبي کي نظر انداز ڪيو جنهن ۾ اسان چيو هو ته هو يوڪرين کي نيٽو جو حصو ٿيڻ کان روڪين ۽ ان سلسلي ۾ ماسڪو کي سيڪيورٽي جي گارنٽي ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته  يوڪرين تي قبضو نه ٿا چاهيون پر يوڪرين مان سخت خطرن سبب فوجي ڪارروائي ڪئي آهي.يوڪرين ۾ فوجي آپريشن جو مقصد يوڪرين کي ڊي ملٽرائز ڪرڻ آهي، دونباس ۾ وڏو آپريشن ڪنداسين شهرين کي محفوظ علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي. عوڪريني فوج  هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏي.  يوڪرين جا جيڪي به فوجي هٿيار ڦٽا ڪندا انهن کي به محفوظ علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت پڻ ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته  ڪنهن به روس پاران ڪيل فوجي ڪارروائي ۾ ٻاهران مداخلت جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيڪي اڳڪنهن به نه ڏٺا هوندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو