ڪئيو ( م ڊ ) يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ يوڪرين جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏيو آهي ۽ ڀرپور مقابلي جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته يوڪرين جي فوج روس جا 6 جهاز، 5 ٽينڪ ۽ 2 هيلي ڪاپٽر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ رات جو روس جو حملو ٿيڻ کان پوءِ يوڪريني حڪومت ملڪ جي اوڀر وارا هوائي اڏا رات کان ئي بند ڪري ڪجهه هوائي حدون خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيون. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته يوڪرين جي سمورن علائقن ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏيو اٿئون، مون روسي حملي بابت آمريڪي صدر سان ڳالهايو آهي، اسين مضبوط آهيون ۽ هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هوڏانهن يوڪريني فوج پنهنجي علائقن ۾ قبضي جي ڪوشش ڪندڙ 50 روسي فوجين کي مارڻ جي پڻ دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. يوڪرين جي بچاءُ واري وزير اولڪسي ريزنيڪوف چيو آهي ته اسان دشمن جا 6 جهاز، 2 هيليڪاپٽر ۽ 5 ٽينڪ تباهه ۽ قبضي جي ڪوشش ڪندڙ 50 فوجين کي ماري پڻ چڪا آهيون. روسي فوج کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ورتو آهي.
95