98

پيڪا آرڊيننس ڊريڪونين قانون آهي، حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  پيڪا آرڊيننس کي ڊريڪونين قانون قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن. يڪا آرڊيننس خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا  ته آرڊيننس ذريعي ايڪٽ کي وڌيڪ ڊريڪونين ڪيو ويو آهي، پيڪا آرڊيننس جي سيڪشن 20 کي ڇو نه رد ڪيو  وڃي؟ جيڪڏهن توهان هن آرڊيننس کي پڙهو ته اهو چٽو ٿئي ٿو ته اهو آئين جي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي آهي، هن قانون جي ذريعي ته سيلف سينسر شپ لاڳو ڪئي وئي آهي. توهان ته ايف آءِ اي کي رڳو پبلڪ آفس هولڊر جي حفاظت ۾ لڳائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪير شڪايت ڪري ته ڪنهن حڪومتي ميمبر هيئن چيو آهي ته ڇا توهان ان کي گرفتار ڪندا؟  جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته هي قانون ان ئي پارٽي آندو آهي جنهن جي طاقت ئي سوشل ميڊيا هو، جڏهن سياسي پارٽيون سوشل ميڊيا جون ٽيمون ٺاهين ٿيون ته پوءِ اهي  اختلافِ راءِ کان ڊڄن ڇو ٿيون؟ ان کان وڌيڪ ڪهڙي بدمعاشي ٿي سگهي ٿي ته هن عدالت ۾ ايس او پيز پيش ته ڪيا ويا پر عمل نه ڪيو ويو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هڪ سياسي ورڪر پبلڪ آفيس هولڊر خلاف تقرير ڪئي ۽ 6 مهينا جيل ۾ رهيو، قانون پبلڪ آفيس هولڊرز جي تحفظ ۽ اظهار جي آزادي کي دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون، ايئن نه ٿو لڳي ته هي سڀ ڪجهه ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي. آرڊيننس ذريعي ايڪٽ کي وڌيڪ ڊريڪونين ڪيو  ويو آهي، واحد سوال اهو آهي ته سيڪشن 20 کي ڇو نه رد ڪيو وڃي؟  چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي پرائيويٽ ماڻهن جي ساک جو ايڏو خيال آهي ته پبلڪ آفيس هولڊرز کي ڪڍي ڇڏي، مون کي چيف جسٽس هوندي تنقيد کان نه گهٻرائڻ گهرجي، هر پبلڪ آفيس هولڊر جي ساک ان جي فيصلن ۽ ان جي عملن سان هوندي آهي. ٻڌڻي تي دليل ڏيندي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته ڇا ڪنهن جي بيڊ روم جي وڊيو وائرل ڪرڻ يا ڪوڙي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ ٺيڪ آهي؟ جيڪڏهن ڪو ڪنهن پردي واري عورت لاءِ  چوي ته هوءَ جادو ڦيڻا ٿي ڪري ته ڇا اها اظهار جي آزادي آهي؟ ايڊووڪيٽ لطيف کوسا چيو ته پيپلز پارٽي به ان آرڊيننس کي چئلينج ڪيو آهي جڏهن ته بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته ن ليگ طرفان به درخواست داخل ڪئي وئي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته سياسي پارٽين جي درخواستن تي ڪارروائي نه ڪنداسين. سينيٽ ۾ اپوزيشن جي اڪثريت آهي، توهان وٽ ان کي رد ڪرڻ جو اختيار آهي، توهان پارليامينٽ ۾ وڃي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا، عدالت پارليامينٽ جو احترام ڪري ٿي. سول قانون کي بهتر ڪريو ته ان ۾ عدالت به مدد ڪندي، ساک وڃائڻ جو ڪيس بهتر ڪريو، ان ڪيس جو فيصلو 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجي، عدالت جو فرض آهي ته اها پارليامينٽ جو احترام ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو