اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا، ماءُ ۽ پيءُ بري، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج عطا رباني ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالت شريڪ جوابدارن جان محمد ۽ افتخار کي 10- 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته ٿيراپي ورڪس جي سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو، سزا مليل جوابدارن ۾ افتخار چوڪيدار ۽ جوابدار جان محمد مالهي آهن، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ظاهر جعفر جي پيءُ ذاڪر جعفر ۽ ماءُ عصمت آدم جي کي بري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي 4 مهينا 8 ڏينهن هلي، شاهدن جا بيان قلبند ٿيا، شهادتون رڪارڊ ٿيون، جرح کانپوءِ وڪيلن حتمي دليل ڏنا جنهن بعد عدالت 22 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو، ڪيس ۾ نامزد جوابدار ظاهر جعفر تي الزام هو ته هن 20 جولاءِ 2021 تي نور مقدم کي سندس گهر ۾ قتل ڪيو هو، پوليس ظاهر جعفر کي اسلام آباد جي سيڪٽر ايف سيون ۾ سندس گهر مان رت سان ڀريل قميص سميت گرفتار ڪري قتل جو هٿيار پڻ هٿ ڪيو هو، ٻئي طرف نور مقدم قتل ڪيس ۾ مقتولا جي پيءُ مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر کي ڏنل سزا کي مثالي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. فيصلي کانپوءِ نور مقدم جي والد اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان کي ڪيس ۾ انصاف مليو آهي، اڄ عدالت ۽ انصاف جي فتح ٿي آهي هن چيو ته جوابدارن طرفان راضي نامي جي ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن ڪو ڪوشش ڪندو ته قبول نه ڪنداسين. شوڪت مقدم چيو ته ڪيس ۾ سماج ۽ ميڊيا تمام گهڻو ساٿ ڏنو، سڄي قوم اسان لاءِ دعاگو آهي ۽ قوم اسان سان گڏ آهي، اسان کي ان معاملي تي ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جي ضرورت نه هئي، سڀني اسان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. اسان جا گهرڀاتي ميڊيا جا شڪر گذار آهن.
103