لاهور (اسپورٽس نيوز)لاهور قلندرز پهريو ڀيرو پي ايس ايل چيمپئن بڻجي وئي، ملتان سلطانز کي 42 رنسن تان فائنل ۾ شڪست ڏئي ڇڏي، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، لاهور قلندرز پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن تي 180 رنسون ٺاهيون، محمد حفيظ شاندار کيڏندي 46 بالن تي 69 رنسو ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ٽيم جي شروعات سٺي نه هئي، فخرالزمان 3، عبدالله شفيق 14، ذيشان اشرف 7، ڪامران غلام 15، هيري بروڪ 41 ۽ ڊيوڊ ويزا 28 رنسون ٺاهيون، هوڏانهن ملتان سلطانز جي آصف آفريدي 3، ڊيوڊ ولي ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، موٽ ۾ ملتان سلطانز جا رانديگر ڄمي کيڏي نه سگهيا، هڪ ٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا، شان مسعود 19، ڪپتان رضوان 14، رائيلي روسو 15 ۽ امير عظمت 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، آصف آفريدي هڪ، ٽم ڊيوڊ 27 ۽ خوشدل شاهه 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، سموري ٽيم 20هين اوور ۾ 138 رنسون ٺاهي فائنل ۾ هارائي وئي، لاهور قلندرز پهريون ڀيرو پي ايس ايل جي چيمپيئن بڻجي وئي، لاهور قلندرز جي شاهين شاهه آفريدي 3، محمد حفيظ ۽ زمان خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
139