102

روسي فوج خارڪيف ۾ داخل، ويڙهه جاري، يوڪرين روس سان غير مشروط ڳالهين لاءِ راضي

ڪئيو / واشنگٽن ( م ڊ )يوڪرين ۾ روس جي فوجي ڪارروائي لاڳيتو جاري آهي، جنهن دوران  يوڪرين روس سان غير مشروط  ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويو آهي. روسي فوج  يوڪرين جي ٻي وڏي شهر خارڪيف ۾ داخل ٿي وئي آهي جتي رستن تي ويڙهه جاري آهي. روسي فوج جي حملن ۾ خارڪيف جي گئس پائپ لائين پڻ تباهه ٿي وئي آهي. جڏهن ته  روسي صدر ولاديمير پيوٽن ائٽمي هنڌن جو ڪنٽرول رکندڙ روسي فوج جي ائٽمي فورس کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.برطانيائي ميڊيا موجب روسي صدر نيٽو جي ميمبر ملڪن طرفان سخت بيانن ۽ معاشي پابندين جي ردعمل ۾ روسي فوج کي حڪم ڏنو آهي ته اهي روسي جوهري هٿيارن واري يونٽ کي تيار رکن. روسي سرڪاري ٽي وي  تي قوم کي خطاب ڪندي پيوٽن چيو ته نيٽو جي اهم  ميمبر ملڪن طرفان اسان جي ملڪ خلاف سخت  بيانن جو سلسلو جاري آهي، تنهن ڪري مون بچاءَ واري وزير ۽ آرمي چيف کي حڪم ڏنو آهي ته اهي نيوڪليئر فورس کي تيار رکن. هوڏانهن يوڪرين روس جا حملا روڪرائڻ لاءِ انصاف جي عالمي عدالت ۾ درخواست به داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جڏهن ته  ان کان علاوه  يوڪرين پهرين روس سان بيلا روس جي گادي واري شهر منسڪ ۾ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي هو بيلاروس ۽ يوڪرين جي سرحد تي ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ يوڪريني صدارتي محل طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته يوڪرين روس سان غير مشروط ڳالهين تي راضي آهي، ڳالهين لاءِ اها ملاقات وفدن جي سطح تي يوڪرين ۽ بيلاروس جي سرحد تي ٿيندي. يوڪرين جو چوڻ آهي ته بيلاروس جو صدر يوڪريني وفد جي سلامتي جي ضمانت ڏني آهي.ٻي پاسي يوڪريني وفد سان ملاقات لاءِ روسي وفد اڳ ئي بيلاروس پهچي چڪو آهي. روسي صدارتي آفيس ڪريملن جي ترجمان موجب روسي وفد ۾ پرڏيهي وزارت، دفاع ۽ صدارتي انتظاميا جا نمائندا شامل آهن. هوڏانهن يورپين يونين پنهنجي حدن ۾ روسي جهازن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ئي روس کي  عالمي مالياتي نظام ”سوِفٽ“ مان به نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان روس جو مالياتي نظام سخت متاثر ٿيندو. ٻي پاسي آمريڪي صدر جو بائڊن چيو آهي ته روس ٽين عالمي جنگ ڏانهن وڏي رهيو آهي ۽ اسين دنيا کي ان کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. جو بائڊن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسان وٽ آپشن آهن، هڪ اهو ته روس خلاف عملي جنگ ۾ شريڪ ٿيون ۽ ٻيو آپشن اهو آهي ته روس کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي جي سيکت ڏجي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته يوڪرين تي فوجي حملي جي روس کي سيکت ڏيڻي پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو