اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي، ته بي اعتمادي جي رٿ جي معاملي تي مخالف ڌر جي جماعتن ۾ ڊيڊ لاڪ آهي، مخالف ڌر جون جماعتون ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن پر آخرڪار کين شڪست نصيب ٿيندي،حڪومت مخالف ڌر جي لانگ مارچ جي شرڪت لاءِ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي، حڪومت کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي. آچر ڏينهن گهرو وزارت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر جي بي اعتمادي واري رٿ ناڪام ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ذاتي مفادن جي تحفظ ۾ دلچسپي رکن ٿا. هن چيو ته حڪومت مخالف ڌر جي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ ڪا به رڪاوٽ نه وجهندي، پر کين مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي. گهرو وزير چيو ته جيڪي ماڻهو ڏڦيڙ جي سوچ رکن ٿا، اهي پنهنجي سياسي قبر پاڻ کوٽيندا، اهي ماڻهو عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت کي پنهنجي اتحادين تي مڪمل اعتماد آهي. هن چيو ته بلاول ۾ حڪومت کي چئلينج ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي. هن چيو ته اهي جماعتون جيڪي ماضي ۾ هڪٻئي خلاف هيون اڄ هڪٻئي جون دعوتون ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته 24 سالن کان پوءِ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان آئي آهي، حڪومت دورو ڪندڙ ٽيم کي خاص پروٽوڪول فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته شرمندگي لڪائڻ لاءِ هارڻ باوجود پنهنجي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي ڀارت نوازيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روسي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته هٿياربند ۽ سول فورسز جي پگهارن م اضافو ڪيو ويو آهي.
92