ٺٽو (رپورٽ: اڪبر دلواڻي) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي کان اسلام آباد تائين نڪتل عوامي لانگ مارچ ٺٽي ۾ پهچڻ تي وڏي عوامي جلسي ۾ شامل ٿي ويو، جتي پي ايس 78 گھوڙا ٻاري جي ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، پ پ پ نوجوان اڳواڻ عاشق حسين زرداري، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو سينئر نائب صدر وڏيرو عبدالحميد پھنور، امتياز قريشي، ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، عبدالحميد پنھور، سيد محمود عالم شاھ، سسئي پليجو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پاران سندس مانائتو استقبال ڪري لکين ماڻھن سان گڏ عوامي مارچ ۾ شامل ٿي ويا. عوامي مارچ ۾ پ پ پ ٺٽو جا اڳواڻ اڳوڻو ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي، سيد منظور شاھ شيرازي، سيد غلام حيدر شاھ شيرازي، سيد تنوير شاھ شيرازي، ادا حاجي محمد حنيف ميمڻ، آفتاب عالم سومرو، شھزاد ڳاھو، شبير سمون، وڏيرو رسول بخش جاکرو، رئيس سليم گندرو، حاجي منور ھيلايو، رخسانہ شاھ، غلام حيدر سمون، نور حسن سرڪي، امداس سرڪي، رضا خشڪ، حاجي خير محمد بروھي، ادا محمد ميمڻ، روشن علي پاتڻي، ھاشم سولنگي، حاجي فيض بروھي، احمد خان پالاري، غلام حسين ٻٻر، وڏيرو محمد عرس گندرو، آدم گندرو، محمد خان سومرو، نانا گندرو، ارباب کمن سمون، سردار شاھد بروھي، آفتاب ميمڻ، ممتاز علي ميمڻ، پپو قاضي ۽ بيا پڻ شريڪ ھئا. لانگ مارچ جي پانڌيئڙن کي علاج جون مفت سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ ٺٽي ۾ سرڪي چوڪ وٽ پيپلز ڊاڪٽرز فورم ضلعي ٺٽي پاران ھڪ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري عوام کي مفت دوائون، ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ڏنا ويا. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي پيپلز ڊاڪٽرز فورم ضلعي ٺٽي جي صدر ڊاڪٽر اسماعيل پليجو، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مراد بلوچ، انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ ۽ ٻين چيو ته پيپلز ڊاڪٽرز فورم پاران مصيبت ماريل ماڻھن جي خدمت سميت سندن مفت علاج ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھي. ھن چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي عوامي مارچ ۾ عوام کي علاج جون بھتر مفت سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ ھي مفت ڪئمپ لڳائي ويئي آھي.
150