حيدرآباد / بلڙي شاهه ڪريم/ مٽياري / هالا / نوابشاهه/ سڪرنڊ/ قاضي احمد/مورو (نمائندا) پاڪستان پيپلز پارٽي جو وفاقي حڪومت خلاف بلاول ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچيءَ کان اسلام آباد ڏانهن نڪتل عوامي لانگ مارچ جو قافلو ٽنڊي محمد خان، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن مان ٿيندي موري ۾ پهچي ويو آهي. سومر ڏينهن قافلو ماتليءَ مان روانو ٿيو ته مختلف هنڌن تي ان جي شاندار ۽ مانائتي آجيان ڪئي وئي ۽ انهن ضلعن جي مختلف علائقن مان وڌيڪ جيالا ۽ مقامي اڳواڻ پڻ قافلي ۾ شامل ٿي اڳتي روانا ٿي ويا. ان دوران حيدرآباد سميت مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمئن بلاول ڀٽو وزيراعظم عمران خان کان ترت ئي اسيمبليون ٽوڙي استعفا ڏيڻ ۽ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم ڊڄڻو آهي، هو اليڪشن کان گهٻرائي ڀڄي رهيو آهي، جيڪڏهن هوسمجهي ٿو ته پ پ جو مقابلو ڪندو ته پوءِ ترت ئي استعفا ڏئي نيون چونڊون ڪرائي، ان لاءِ پيپلز پارٽي تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ جي مارچ کي اڃان رڳو ٻه ڏينهن ٿيا آهن ته بني گالا مان رڙيون نڪري ويون آهن. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان هن سلڪٽڊ شخص کي گهر موڪليون، اسان جو مارچ نااهل وزيراعظم جي خلاف آهي، عوامي مارچ تي عوام جو ٿورائتو آهيان، مان هتي ٻيهر توهان جي مدد لاءِ آيو آهيان، اسين هن ملڪ جي عوام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مزدورن، هارين ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، جتي معاشي بحران هجي اتي مزدورن سان گڏ واحد پارٽي توهان جي پيپلز پارٽي هوندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه مزدور دوست رهي آهي، مزدورن کي حق ڏنا آهن، مزدورن کي اسان اڳ ۾ به حق ڏنا آهن ۽ اڄ به ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي آبادگارن لاءِ وڙهندي آهي، انهن جي پاڻي جي کوٽ لاءِ وڙهي آهي، جڏهن ماڪڙ حملو ڪيو ته صدر زرداري آواز اٿاريو، اسان نوجوانن ۽ شاگردن لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، ضياءَ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي اسان حق ڏنو. عوام پي ٽي آءِ جي حڪومت خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو سفر ڊگهو آهي. اسان حڪومت خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ عدم اعتماد جي حق ۾ مهم هلائي رهيا آهيون. هن وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان پاڻمرادو گهر هليو وڃي نه ته اسان کيس گهر موڪلي ڇڏينداسين. هن چيو ته عمران خان جا وزير صدر زرداري جي صدارت واري وقت ۽ عمران خان جي ٽن سالن جي ڀيٽ ڪن ٿا. عمران خان ماڻهن جو پاڻي ۽ گئس چوري ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ارڙهين ترميم ذريعي صوبن کي پنهنجا حق ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڏياريو. هي اسان کان ڪهڙو حساب وٺندا. انهن جي حساب ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ پ پ جا جيالا ميدان ۾ لٿل آهن ۽ اهي سليڪٽيڊ وزيراعظم کان ضرور حساب ڪتاب وٺندا. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو هو جنهن غريب عورتن جي گهر ويٺي مالي مدد ٿيندي هئي. عمران خان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير ڪارڊ جو نالو بدلائي اهو سوچي ٿو ته اهو پروگرام سندس شروع ڪيل هو. هي بزدل وزيراعظم اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جو عوام فيصلو ڪندو ته حڪومت ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي. عوام انهن ماڻهن کي چونڊي اسيمبلين ۾ موڪليندو جيڪي سندن مسئلا حل ڪري سگهن. پيڪا آرڊيننس جو ذڪر ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان پهرين ميڊيا تي پابندي لڳائي ته ڪو به سندس خلاف نه ڳالهائي. پوءِ هن حڪومت خلاف ڳالهائيندڙن تي پابندي لڳائي، پوءِ خاتونِ اول خلاف ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي هئي. هاڻي اهو آرڊيننس کڻي آيو آهي ته واٽس ايپ تي ميسيج يا سوشل ميڊيا تي ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ 5 سالن جي جيل ڀوڳڻي پوندي. هن چيو ته عمران خان عوام جي ووٽ تي، عوام جي کيسي ۽ عوام جي پيٽ تي ڌاڙو هنيو آهي. کانئس حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته اسان جو مارچ مهانگائي خلاف آهي ۽ اسان اهو مارچ غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪري رهيا آهيون. ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عمران خان کي گهر موڪلڻ ۽ سندس حڪومت جو خاتمو ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي. ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن عوام جا حقيقي نمائندا چونڊجي اچن ۽ عوام دوست، غريب دوست معيشت ٺاهين. موجوده حڪومت وانگر غريب دشمن ۽ عوام دشمن معيشت نه هجڻ گهرجي. ان کان اڳ ٽنڊي محمد خان ۾ پارلياماني ليڊر اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ ايم اين اي سيد نويد قمر، پ پ ايم پي اي عبدالڪريم سومري، سي ايم سنڌ جي خاص معاون سيد قاسم نويد قمر، پ پ ضلعي صدر اعجاز شاھ بخاري، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومري، پ پ تعلقي بلڙي جي صدر ڊاڪٽر محمد ايوب جت ۽ ٻين قافلي جي آجيان ڪئي ۽ ان قافلي سان شامل ٿي ويا. عوامي لانگ مارچ وارو قافلو ٽنڊو محمد خان روڊ رستي کان حيدرآباد شهر ۾ داخل ٿيو. بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ عوامي سمنڊ وارو لانگ مارچ شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندو پٺاڻ ڪالوني وٽ پهتو. جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. مٽياري وٽ پهچڻ تي قافلي جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين مخدوم فخرالزمان، سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ، ضلعي صدر سيد علي حسين شاهه ڄاموٽ، اڳوڻي صدر پير امير علي شاهه هاشمي ۽ ٻين آجيان ڪئي، هالا ۾ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي ٽيم قافلي جي مانائتي آجيان ڪئي. جتان اهو قافلو اڳتي روانو ٿي ويو. عوامي مارچ وارو قافلو سڪرنڊ باءِ پاس تي پهچڻ تي پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، پ پ اڳواڻ عاشق حسين زرداري، پ پ ڊويزنل صدر ضيا الحسن لنجار، پ پ ايم پي اي طارق مسعود آرائين، غلام قادر چانڊيو، راضي خان جمالي، چوڌري جاويد اقبال آرائين، نور نواز زرداري جي اڳواڻي ۾ هزارين پارٽي ڪارڪنن جيئي ڀٽو جي نعرن سان شاندار آجيان ڪئي. جتي پڻ بلاول ڀٽو خطاب ڪيو، جنهن کان پوءِ اهو قافلو قاضي احمد ۾ پهتو. جتي پڻ قافلي جي شاندار آجيان ڪئي وئي. اتان کان رات دير سان اهو قافلو موري ۾ پهچي ويو. جتي قافلي جي ميزباني جو انتظام ضياءُالحسن لنجار طرفان ڪيو ويو. اتي رات ترسڻ کان پوءِ قافلو اڄ پنهنجو سفر اڳتي جاري رکندو.
121