121

پيٽرول 10 روپيا سستو ٿيڻ جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو: پيپلز پارٽي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نيازي حڪومت عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن کان ڇوٽڪاري لاءِ پيپلز پارٽي پاران عوامي مارچ ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ عوامي مارچ واري جلسي کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اهو نيازي جيڪو پاڻ چوندو هو ته ڪنهن چوڪ تي 50 ماڻهو گڏجي کانئس استعفا گهرندا ته هو استعفا ڇڏيندو. پر هاڻي حيدرآباد مارچ ۾ موجود هزارين ماڻهو کانئس استعفا جو مطالبو پيا ڪن ان لاءِ کيس استعفا ڏيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته ساڍن ٽن سالن جي عرصي ۾ نيازي سرڪار ملڪ جو حال خراب ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي. عوام مهانگائي جي آزار سبب آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهي. وڏي وزير چيو ته نيازي سرڪار جو هڪ ئي مشن آهي ته هو ماڻهن کي مصيبتن ۾ وجهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته الله کان پناهه ٿو گهران ته جيئن عمران خان کان عوام محفوظ رهي سگهي. آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته نااهل حڪومت ڪري چڪي آهي ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ نااهل حڪومت خلاف ريفرنڊم آهي. صوبائي وزير چيو ته اميد آهي ته هاڻي حڪومت نه رهندي. پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو مزدورن، شاگردن ۽ غريب ماڻهن جي جهاد لاءِ نڪتو آهي ان لاءِ عوام ساڻس گڏجي اسلام آباد پهچي. ايم اين اي نويد قمر چيو ته جن ماڻهن تبديلي جي نالي تي عمران کي ووٽ ڏنا اڄ اهي به کانئس بدظن ٿي ويا آهن ته ڄاڻايل حڪومت مان سندن جان ڪڏهن ڇٽندي. ان موقعي تي ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ، ايم پي اي جبار خان، عاجز ڌامراهه، صغير قريشي، علي محمد سهتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ٻي پاسي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته مهرباني بلاول ڀٽو زرداري! هڪ ڏينهن جي عوامي مارچ تي في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيا ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 5 روپيا گهٽتائي ڪئي وئي، اهو آهي حقيقي جمهوري طاقت جو اثر.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو