اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جو ٽيليفون رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ هنن بي اعتمادي رٿ بابت قانوني ۽ آئيني معاملن تي راءِ وٺڻ تي اتفاق ڪري ورتو. پارٽي ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن حڪومت مخالف تحريڪ کي تيز ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته بي اعتمادي واري رٿ بابت قانوني ۽ آئيني معاملن تي به اتفاق ڪيو ويو. شهباز شريف بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل سان ملاقات بابت پڻ مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ ورتو. ٻي پاسي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهباز شريف جي پڻ جلد ملاقات جو امڪان آهي
96