84

عمران خان کي ڊيڊلائين ڏيون ٿا ته بي اعتمادي رِٿ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، عمران خان کي عوام تي ڀروسو آهي ته اسيمبليز ٽوڙي عوام وٽ وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي عمران خان کي ڊيڊلائين ڏيون ٿا ته بي اعتمادي رِٿ کان اڳ استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، عمران خان کي عوام تي ڀروسو آهي ته اسيمبليز ٽوڙي عوام وٽ وڃي، ائين نه ٿيو ته اسلام آباد پهچي بي اعتمادي رِٿ پيش ڪنداسين، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم جو بندوبست ٿيڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، هن چيو ته ماضي ۾اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار نيوٽرل ناهي رهيو، ڪجهه ڏينهن ۾اُن مائينڊ سيٽ جو امتحان اچڻ وارو آهي، بي اعتمادي ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪنهن سان گڏ آهي، بلاول وڌيڪ چيو ته اسان کي کي ويڙهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي، قومي مفادن لاءِ نڪتا آهيون، گڏيل اپوزيشن جو فيصلو قبول هوندو، اسان هي حڪومت کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو