107

سليڪٽيڊ کي ڀڄائي ڪڍنداسين،هن وزيراعظم کي هٽائي شريف انسان کي آڻينداسين( آصف زرداري) عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو،هاڻي ڪٺ پتليءَ کي گهر وڃڻو ئي پوندو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ  جو 27 فيبروري تي ڪراچيءَ کان بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نڪتل عوامي مارچ وارو قافلو اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي پهچي ويو آهي. 10 ڏينهن دوران اهو قافلو سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن کان ٿيندو رات اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي پهتو.  اسلام آباد ۾ پهچڻ تي ان قافلي ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پڻ شامل ٿي ويو. ڊي چوڪ تي جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن  بلاول ڀٽو  چيو ته اسان بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي جمهوري حملو ڪري ڏنو آهي، هاڻي عمران خان کي چئون ٿا ته گهٻرائجان نه.  هن وڌيڪ چيو ته اسان جي عمران خان سان ڪا ذاتي دشمني نه آهي پر  اسين هڪ شخص لاءِ جمهوريت تي ڌاڙو برداشت نه ٿا ڪري سگهون، اسين ظلم برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن شخص پاڪستان ۾ دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي، هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان رسايو آهي. هن جي معاشي پاليسي رڳو عوام کي تڪليف ۾ وجهڻ آهي.  هن رات جي اوندهه ۾ دهشتگردن سان ڊيل ڪئي، اسان دهشتگردن ۽ انتها پسندن کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون.  عمران خان جي سمورن سهولتڪارن کي خبردار ٿو ڪريان ته عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته هاڻي هن ڪٺ پتلي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، هن ڪٺ پتلي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي معاف نه ڪنداسين، عمران خان سان گڏ انهن جو به احتساب ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته هي بهادر ڪارڪن 10 ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊن تي آهن، ڪراچي کان نڪري اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي پهتا آهيون، جيالا جيڪو چوندا آهن سو ڪري ڏيکاريندا آهن. هي ٽن سالن کان هن ڪٺ پتلي جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، اسان هن کي هڪ ڏينهن به سک سان ويهڻ نه ڏنو. جڏهن جيالن لانگ مارچ جو فيصلو ڪيو ته اهو پڻ ڪري ڏيکاريو آهي. هي مارچ جمهوري هٿيار آهي. هن حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ اهو جمهوري هٿيار استعمال ڪري رهيا آهيون. اسين پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري هن کي هٽائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته هن ڊي چوڪ تي سنڌ، پنجاب، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان جو عوام هتي اچي گڏ ٿيو آهي. پوري قوم پاڪستان پيپلز پارٽي جي پيج تي اچي وئي آهي. نوجوان قيادت جو وقت اچي ويو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.  الله چاهيو ته اسين هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ لکنداسين. جلسي کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائينداسين ۽ ڪنهن شريف انسان کي آڻينداسين.  وقت اچي ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي هٽايو وڃي. آصف علي زرداري چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سيليڪٽيڊ کي ڀڄائي ڪڍنداسين، انشاءَ الله هن کي جلد  ٻاهر ڪڍنداسين، اوهان جي پنهنجي حڪومت آڻينداسين، جيڪڏهن اسان هن کي رهڻ ڏنو ته ايندڙ نسل، اسان کي معاف نه ڪندا، اسان جون قبرون اسان کي معاف نه ڪنديون، الله به اسان کي معاف نه ڪندو، هي چوي ٿو ته رستن تي ايندس ته خطرناڪ ٿي ويندس، ته اسان کيس چئون ٿا ته تون ٻاهر اچ ته سهي پوءِ ڏسنداسين ته خطرناڪ ڪير آهي. سموريون پارٽيون گڏجي مائنس سيليڪٽيڊ ڪنديون. هن چيو ته  مان ٿر کان وٺي ڪراچي وارن جي چهري کي چڱي طريقي سان سڃاڻان ٿو. هاڻ هن نااهل عمران خان کي گهر اماڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. اڳوڻي صدر چيو ته اسان عوام جي غريبي ۽ پريشانين کي ختم ڪنداسين. مهانگائي ختم ڪري عوام کي سڪون ڏينداسين. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي جيالن کي سلام پيش ڪريان ٿو. پنهنجن دوستن ۽ دشمنن کي سڃاڻندو آهيان. آصف زرداري چيو ته آئون ۽ بلاول گڏجي عوام جي خدمت ڪنداسين. بلاول رڳو منهنجو نه توهان جو به پُٽ آهي. توهان جو به ڀاءُ آهي، اسان گڏجي ملڪ کي تڪليفن مان ڪڍنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو