73

مخالف ڌر پاران بي اعتمادي رٿ جمع،وزيراعظم پاران مقابلي جو اعلان، بزدار جي استعيفا قبولڻ کان انڪار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ ان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي،جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار  پنهنجي استعفا وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪري ڇڏي آهي ۽ وزيراعظم ان جي استعفا قبولڻ کان انڪار ڪري کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عمران خان  مخالف ڌر جو مقابلوڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب هڪ پاسي مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ته ٻي پاسي پي ٽي آءِ جو ئي هڪ ناراض گروپ پنجاب ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي وڏي وزير عثمان بزدار کي هٽائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو هڪ ڏينهن اڳ  ن ليگ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ اڱاري ڏينهن ايم اين اي شاهده اختر علي، مريم اورنگزيب، خواجا آصف، خواجا سعد رفيق، شازيه مري، نويد قمر، رانا ثناءُ الله ۽ اياز صادق قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ پهچي قومي اسيمبلي اجلاس جي ريڪوزيشن ۽ بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي. بي اعتمادي رٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اسٽاف ورتي. قاعدن موجب اسپيڪر گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن کان پوءِ ۽ 7 ڏينهن کان اڳ قومي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو پابند آهي. ان کان اڳ ن ليگ صدر شهباز شريف جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ليگي ميمبرن بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي ٺهراءَ تي صحيحون ڪيون. اجلاس ۾ ليگي قيادت سڀني ميمبرن کي ايندڙ 20 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هوڏانهن بي اعتمادي واري رٿ جمع ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته بي اعتمادي رٿ بابت اڄوڪو ڏينهن بهتر آهي، مخالف ڌر سوچيو ته هينئر نه ته ڪڏهن به نه . هن چيو ته اسان مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي ، ڪابه پارٽي اڪيلي سر مسئلن مان نه ٿي ڪڍي سگهي، گڏجي ڪم ڪيوسين، انهن دوستن کي به دعوت ڏينداسين جيڪي اسان کان پري آهن، هنن جا پنهنجا ماڻهو ئي انهن کان ناراض آهن. اسين 172 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين، ميمبرن جي حمايت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن صحافين کي چيو ته اوهان ڇاٿا چاهيو ته سڀني جا نالا به ٻڌائي ڇڏيان. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي پوري پڪ آهي ته بي اعتمادي رٿ ۾ ڪاميابي ملندي، اسين سڌارن جي به سوچ رکون ٿا، هڪ ٻي سان مشاورت کان پوءِ هن هنڌ تي پهتا آهيون، جمهوري قوتن کي سڌارن جي بنياد تي اڳتي وڌڻو پوندو آهي. آئين ۾ سمورن ادارن جا دائرا مقرر ٿيل آهن ته جيئن ڪو ڏڦيڙ نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾هن چيو ته پهرين اسان کي هدف حاصل ڪرڻ ڏيو ان کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي اهو پوءِ ڏسنداسين. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو تهاسان  بي اعتمادي واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، فيصلو سوچي سمجهي ۽ عوام جي خواهش موجب ئي ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير ٿيندو ان جو فيصلو به گڏجي ڪنداسين. هن وقت تائين ڪو نالو طئي نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسين سڀني سان رابطا ڪنداسين ۽ انهن کي قائل ڪنداسين. بي اين پي جي اڳواڻن جي مون سان ملاقات ٿي آهي ٻين جي به ٿيندي، ايم ڪيو ايم سان به ملاقات ٿي آهي، ان ۾ ڪا خراب ڳالهه نه آهي، پي ٽي آءِ جي جن ميمبرن جو ضمير جاڳيو هوندو انهن سان به رابطو ڪنداسين. هوڏانهن پي ٽي آءِ جا جهانگير ترين گروپ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي خلاف سرگرم ٿيڻ کان پوءِ عثمان بزدار وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري کيس پنهنجي استعفا پيش ڪئي. ۽ گڏو گڏ وزيراعظم کي  پنهنجي جاءِ تي پرويز الاهي کي وڏو وزير ڪرڻ جي به سفارش ڪري ڇڏي، هن وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته استعفا سان معاملو حل ٿئي ٿو ته وڏ وزارت ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان،  آئون عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سان گڏ آهيان ۽ رهندس،  منهنجي جاءِ تي پرويز الاهي کي ڀلي وڏو وزير ڪيو وڃي پر عليم خان کي نه ڪيو وڃي. ان کي اسين به قبول نه ڪنداسين. جنهن تي وزيراعظم عمران خان سندس استعفا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي کيس ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار ئي رهندو جن کي اهو قبول نه آهي سي پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏين. هن چيو ته عثمان بزدار سولو ٽارگيٽ آهي جيڪو رڳو انهن کي ئي نه ٿو وڻي جيڪي پاڻ وڏو وزير ٿيڻ گهرن ٿا. هن چيو ته آئون جهانگير ترين کي چڱي طرح سڃاڻان ٿو هو چورن جو ڪڏهن به ساٿ نه ڏيندو. ٻي پاسي فاطمه جناح يونيورسٽي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ته ڌاڙيلن جو گلدستو ۽ چورن جو ٽولو جيڪو به ڪرڻ چاهي ٿو ڪري وٺي آئون تيار آهيان. فوج پاڪستان سان گڏ آهي، جيستائين جيئرو آهيان بليڪ ميل ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان جڏهن کيڏندو آهي ته مخالف کي نظر ۾ رکي هن هر شئي جي منصوبابندي ڪئي هوندي آهي. چين ساڍا 4 سئو وزيرن کي ڪرپشن تي جيلن ۾ وڌو ان لاءِ هن ترقي ڪئي، اسان پنهنجي حقن جي جنگ وڙهنداسين.  25 سالن کان معاشري جي ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان الله تعاليٰ مون کي ان ۾ ڪامياب ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو