لاهور (م ڊ) پنجاب جي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال تي بچاءُ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ جهانگير ترين گروپ سان رابطو ڪيو، پرويز خٽڪ سياسي تبديلي جي صورت ۾تجويزون طلب ڪيون، جنهن کانپوءِ ترين گروپ جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جهانگيرترين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ صوبائي وزير نعمان لنگڙيال، صوبائي وزير اجمل چيما، عون چوڌري، لالا طاهر رنڌاوا ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، عون چوڌري اجلاس ۾ شريڪ ٿيلن کي پرويز خٽڪ جي رابطي کان آگاهه ڪيو، ٻين حڪومتي شخصين جي رابطي کان آگاهه ڪيو، پنجاب ۾ تبديلي جي صورت ۾ ترين گروپ وزير اعليٰ لاءِ پنهنجي نالي جو فيصلو ڪندو، هوڏانهن اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو وته وفاق ۾ بي اعتمادي اچي چڪي آهي، جلد حڪمت عملي فائنل ڪرڻي پوندي، اجلان کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي نعمان لنگڙيال چيو ته مائنس بزدار کان ڳالهه اڳتي وڌندي، ڪا به بغاوت ناهي، ڪا به رڪاوٽ ناهي، اسان مينڊٽ کڻي آيا آهيون، قوم ۽ پي ٽي آءِ لاءِ سٺو سوچيون پيا، عليم خان وڏو وزير هوندو يا نه جهانگير ترين فيصلو ڪندو.
107