ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آھي ته پ پ هميشھ عورتن جي حقن جي ڳاله ڪئي آھي ۽ هر شعبي ۾ عورتن جي مان ۽ مرتبي لاءِ عملي قدم کنيا آھن، عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته پ پ حڪومت م هجي يا مخالف ڌر ۾ ان هميشھ عورتن توڙي اقليتن جي آئيني ۽ قانوني حقن جي ڳالهه ڪئي آھي ۽ سياسي توڙي سماجي برابري لاءِ قدم کنيا آھن، اهو ئي سبب آھي جو قومي اسيمبلي.صوبائي اسيمبلين توڙي سينيٽ ۽ ڪابينا ۾ عورتن جي نمائندگي کي نمايان رکيو آھي.هن چيو ته موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي اڳواڻي وارو ڪردار هو اهڙي ريت دنيا جي ڀيٽ ۾ ايشيا جون عورتون سياسي ۽ سماجي طور وڌيڪ سجاڳ ۽ ويڙھاڪ رهيون آھن، هن چيو ته ايشيا جي ملڪن پاڪستان عورت وڌيڪ لوڙيو ۽ جهيڙيو آھي، جنهنڪري ڀٽائي پهنجي شاعري م عورت کي سورمي جي صورت ۾ ساراهيو ۽ ڳايو آھي هن چيو ته پ پ جي شهيد قائد بينظير ان تاريخ جو تسلسل هئي جيڪا هميشه بهادري ۽ سرفروشي سان جدوجهد جي ميدان تي رهي ۽ وڙھندي وڙھندي شهادت جي درجي تي پهتي،فريال ٽالپر چيو ته اسان وادي مهراڻ جي تاريخي تناظر ۾ اڳتي به عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هلندڙ توڙي ايندڙ دورن تائين جدوجهد ڪندا رهنداسين ۽ عورتن جو اهو مانء مرتبو بحال ڪنداسين جيڪو هن خطي جي تاريخ ء تهذيب کين هزارين سال اڳ ڏنو هو
86