ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فيصل واوڊا کي اليڪشن ڪميشن نااهل قرار ڏيندي سنڌ اسيمبلي جي خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي پولنگ ڪرائي جنهن ۾ اسيمبلي ميمبرن پنهنجو حق استعمال ڪيو، بائيڪاٽ جي اعلان باوجود پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن ڪيم بخش گبول ۽ ديوانسچ ووٽ ڪاسٽ ڪيوم ٽوٽل 101 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، سينيٽ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٻن ايم پي ايز ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، پ پ ايم پي محمد هاليپوٽو ملڪ کان ٻاهر هجڻ ڪري ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو، جڏهن ته راجا خان مهر اثاثا جمع نه ڪرايا هئا ان ڪري ان جو ووٽ داخل ٿيل نه هو، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو سنڌ مان سينيٽر چونڊجي ويو.
