ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر عامر خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، اسان هن سان ڪا شڪايت ناهي ڪئي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته وزيراعظم سان ملاقات اڳواٽ طئي ٿيل هئي، وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ۾ اسان ڪا شڪايت ناهي ڪئي. هن چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم ساڍا 3 سالن کانپوءِ آيو، ساڻس خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، تحريڪ عدم اعتماد بابت پڇيل سوال تي عامر خان چيو ته عمران خان سان ملاقات ۾ بي اعتمادي جي حوالي سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو ويو، نه هن اسان کان تعاون گهريون نه اسان ڪا خاطري ڪرائي، عدم اعتماد جي حوالي سان ڪراچي ۽ اسان جي ووٽرن لاءِ جيڪو بهتر هوندو اهو فيصلو ڪنداسين. عامر خان چيو ته حڪومت جا اتحادي آهيون پر بي اعتمادي جي حوالي سان اسان جا آپشن کليل آهن.
108