108

حڪومت خلاف پرامن مارچ دوران آصفه ڀٽو سان خانگي ٽي وي چينل جي ڊرون جو ٽڪراچجڻ هڪ ”سوچيل سمجهيل“ هو، آءِ ايس آءِ جاچ ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت خلاف پرامن مارچ دوران آصفه ڀٽو سان خانگي ٽي وي چينل جي ڊرون جو ٽڪراچجڻ هڪ ”سوچيل سمجهيل“ هو. هن چيو ته اسان ان حملي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ آءِ ايس آءِ کان مطالبو ٿا ڪريون ته آصفه ڀٽو تي حملي جي جاچ ڪري. هن چيو ته مارچ دوران ٻه واقعا ٿيا آهن جيڪي هن لاءِ ناقابل برداشت هئا. هن چيو ته هڪ واقعو سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري تي ڊرون حملو هو، هن چيو ته جيئن ئي سندس عوامي مارچ ڏکڻ پنجاب کان پنهنجو سفر مڪمل ڪري سينٽرل پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيو ته هڪ خانگي ٽي وي جي ڊرون ڪئميرا سندس ڀيڻ آصفه ڀٽو سان ٽڪرائجي وئي، جيڪو هڪ سوچيل سمجهيل حملو هو.هن دعويٰ ڪئي ته هن واقعي جو هر زاويي کان جائزو ورتو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊرون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت  اسان سان گڏ رکيو ويو ۽ ان کي منهنجي ڀيڻ ڏانهن وڌايو ويو ۽ هن سان ٽڪرايو ويو، هن چيو ته ”اسان سمجهون ٿا ته اهو منهنجي پيءُ ۽ منهنجي خاندان لاءِ هڪ پيغام هو ته توهان هتي جمهوريت جي بحالي لاءِ آيا آهيو ،“  هن چيو ته آصفه ڀٽو سان ڊرون حملي واري معاملي تي هو موجوده حڪومت تي ڪو يقين نٿو رکي تنهن ڪري هو فوج جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ کي درخواست ڪري ٿو ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ مرتب ڪري. هن چيو ته اسان جي پارٽي به ان واقعي جي عالمي ماهرن ذريعي رپورٽ تيار ڪندي جنهن جي بنياد تي اڳتي جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو