104

ڪراچي: وڏي وزير پاران سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪامورن جي احتجاج جو نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي بيوروڪريسي پاران ترقين واري رولز تي اعتراضن بعد احتجاج ڪرڻ تي وڏي وزير مراد علي شاھ نوٽس ورتو ۽ هدايتن بعد پرنسپل سيڪريٽري پاران صوبائي سروسز جي ڪامورن سان رابطو ڪيو ويو، پرنسپل سيڪريٽري صوبائي سروسز جي ڪامورن کان اعتراضن بابت آگاهي وٺي رولز بابت تجويزون طلب ڪري ورتيون، ذريعن موجب صوبائي سروسز جي ڪامورن کي ترقيون ڏيڻ لاءِ نون ٺاهيل رولز ۾ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار پاران ترقين واري رولز ۾ ترميم آڻڻ وارو نقطو شامل ڪيو ويندو، واضح رهي ته صوبائي سروسز جي ڪامورن پاران اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو هو، احتجاج ۾ ڊپٽي سيڪريٽريز، ايڊيشنل سيڪريٽريز ۽ سيڪشن آفيسرز شامل هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو