87

ڪراچي: مفت ۾ کاڌي پيتي جون شيون وٺندڙ اهلڪارن کي آخري وارننگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي دڪانن تان مفت ۾ کاڌي پيتي جون شيون وٺندڙ اهلڪارن کي آخري وارننگ ڏيندي ڪراچي جي ٽنهي زونن جي ڊي آئي جيز کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتون مليون آهن ته پوليس اهلڪار دڪانن تان کاڌي پيتي جون شيون مفت ۾ يا وري تمام گهڻي رياعت سان وٺن ٿا، پوليس اهلڪارن جو اهو عمل اختيارن جي ناجائز استعمال جي زمري ۾ اچي ٿو، مفت ۾ کاڌي پيتي جون شيون وٺڻ کي هڪ لحاظ کان ڀتو به چئي سگهجي ٿو، خط ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪارن جو اهو عمل دڪاندارن ۽ عوام ۾ پوليس لاءِ نفرت جو سبب بڻجي ٿو، هي حڪم سڀني اهلڪارن تائين پهچايو وڃي ته اهي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي سرگرمين کي ختم ڪن، شڪايت ملڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو