اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي راڄڌاني ۾ بدامني ٿي ته گهرو وزير کان ڊپٽي ڪمشنر تائين سڀ ذميوار هوندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي پارٽين کي ڊي چوڪ تي ريلي ڪڍڻ کان روڪڻ لاءِ درخواستگذار عاصمه ملڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، شهري عاصمه ملڪ چيو ته اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج ۽ ڇڪتاڻ جو خدشو آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي احتجاج سان جهيڙو ٿيندو. پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن کي چوڪ تي اجتماع کان روڪيو وڃي، چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن به شهري يا ڌر کي پرامن احتجاج کان روڪي نٿو سگهجي، اها ريگيوليٽر جي ذميواري آهي، عدالت خطرن جو پتو نٿي لڳائي سگهي ٿي، جيڪڏهن بدامني ٿي ته گهرو وزير کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر تائين ذميوار هوندا. عدالت اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري گهرو وزارت ۽ انتظاميا جي قرار ڏيندي عورت جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
93