133

سيمنٽ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو،في ٻوري جي قيمت 880 رپيا ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي هن دور ۾ گهر ٺاهڻ سان گڏ گهر هلائڻ به ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي، سيمنٽ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ گذريل ٻن هفتن دوران سيمنٽ جي هڪ ٻوري جي قيمت ۾ 170 رپين جو اضافو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ سيمنٽ جي هڪ ٻوري جي قيمت 880 رپيا ٿي وئي آهي، ٻئي طرف رمضان المبارڪ کان اڳ بناسپتي گيهه جا اگهه ٻيهر وڌي ويا آهن، گيهه جي اگهه ۾ 8 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ گذريل ڏينهن ان جو اگهه 444 رپين مان وڌي 452 رپيا ٿي ويو، هلندڙ مهيني گيهه جي قيمت ۾ 22 رپيا واڌ ٿي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو