اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سنڌ هائوس تي حملي کانپوءِ بي اعتمادي واري ڏينهن ملڪ ۾ ٽڪراءَ جي خطري کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي آئيني درخواست کي فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ملڪ کي ڪنهن به بحران کان بچائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ عدم اعتماد پرامن طريقي سان مڪمل ٿيڻ گهرجي، آرٽيڪل 95 تحت ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي آئيني طريقو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سياسي بيان عدم اعتماد واري ڏينهن پارٽين ۾ ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ سمورن رياستي آفيسرن کي آئيني حدن جي پاسداري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به هدايت ڪئي وڃي ته بي اعتمادي واري رٿ ۾ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪيون وڃن. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب سنڌ هائوس تي حملي کانپوءِ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، ان کان اڳ اها درخواست سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي.
85