80

حڪومت ۽ اپوزيشن جلسا ملتوي ڪن، انهن ۾ڪو مري پيو يا مارايو ويو ته سڀ پڇتائيندا: چوڌري شجاعت

لاهور (م ڊ ) ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين حڪومت ۽ مخلف ڌر کي جلسا روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي . هنڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ٻئي پنهنجي جلسن جا پروگرام ملتوي ڪن، انهن جلسن ۾ جيڪڏهن ڪو مري پيو يا مارايو ويو ته سڀ پڇتائيندا. هن چيو ته  حڪومت ته سدائين جلسا روڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ئي معاملي تي جلسا ڪري رهيون آهن. چوڌري شجاعت چيو ته وفاقي وزير چون ٿا 10 لک ماڻهن مان گذري عمران خان خلاف ووٽ وجهڻو پوندو، جڏهن ڪو ووٽ وجهڻ جو فيصلو ڪري ته 10 لک ڇا 10 ڪروڙن جو ميڙ به کين نٿو روڪي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اچي رهيو آهي ته نوٽن جون ٻوريون کُلي ويون آهن، ايتري تائين جو وزيراعظم به اهو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته هيءَ پهرين بي اعتمادي رٿ آهي، جنهن ۾ نه ڪو ووٽ خريد ڪري رهيو آهي ۽ نه ڪو وڪڻي رهيو آهي، اها رڳو پروپئگنڊا آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو