99

رانديگر کي زبردستي وزيراعظم بڻائي ملڪ سان ظلم نه ڪرڻ گهرجي ها،عمران خان پهريان نيوٽرل تي تنقيد ڪندو هو ھاڻي معافي وٺي رھيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

خيبرپختونخواهه (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رانديگر کي زبردستي وزيراعظم بڻائي ملڪ سان ظلم نه ڪرڻ گهرجي ها، پارا چنار ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي مديني جي رياست نه پر هن رياست جي نالي جي توهين آهي، اهي وزير جيڪي مديني جي رياست جو درس ڏيندا آهن ۽ پنهنجي منهن سان گاريون ڏيندا آهن، اها ڪهڙي رياست آهي جنهن ۾ اميرن لاءِ رليف ۽ غريبن لاءِ مهانگائي آهي، پ پ چيئرمين چيو ته هو معاشي ناڪامي ۽ بحران سبب تاريخي مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عمران خان چوندو هو ته 10 لک نوڪريون ڏيندس، آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس پر آءِ ايم ايف وٽ وڃي ملڪ جي معاشي خودمختياري جو سودو ڪيو، هن چيو ته عمران خان جي معاشي ناڪامي جو بار ملڪ جي غريب عوام کي بجلي جي بلن جي صورت ۾ برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف حڪومت بجيٽ ۾ من پسند ماڻهن کي رليف ڏنو، آخري بجيٽ ۾ هر شئي ي ٽيڪس لڳاو، هي سونامي نه تباهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪير به پنهنجي غلطيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي پر وقت اچي ويو آهي ته گڏجي پاڪستان کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي، وقت جي فرعون جي خلاف جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ۽ وقت جي يزيد خلاف جي خلاف اسان اٿي بيٺا آهيون، اسان تعداد ۾ ٽئين پر ڪردار ۾ پهرين جماعت آهيون، هن چيو ته اسان ڪجهه شيون ڏيکاري ثابت ڪيو ته عمران خان جي جي ڪٺ پتلي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي، اسان ڏيکاريو آهي ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي، تنهن ڪري هو هاڻي وزيراعظم ناهي رهيو، جيڪڏهن توهان 172 ميمبرن کي آڻي سگهو ٿا ته آڻيو، اسان توهان کي وزيراعظم تسليم ڪنداسين، هن چيو ته اڳ به عمران خان چوندو هو ته عدم اعتماد جي رٿ آهي ته آڻيو، اسان 8 مارچ کان انتظار ڪري رهيا آهيون پر هي ڪهڙو ڪپتان آهي جيڪو پچ تان ڀڄي رهيو آهي، عمران خان ٿوري اسپورٽس مين اسپرٽ ڏيکار،  رانديگر بڻج، همت ۽ بهادر آهين ته مقابلوڪر ۽ غيرت اٿئي ته سامهون اچ، هن وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي  چيو ته هي شخص چوندو هو مان ڪشمير جو سفير بڻجندس، ڪشمير جو سفير بڻجندي هي ڪلڀوش جو وڪيل بڻجي ويو، هن چيو ته تون بوٽ پالش ڪرڻ ختم ڪري ڇڏيئي ته بوٽ چٽڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿئي، وزيراعظم بوٽ ائين پڪڙيل آهي جو هن کان اڳ ڪنهن به ناهي پڪتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو