ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 يا 4 اپريل تي ٿيندي، روپوش ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي گرفتار ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عدم اعتماد جي ووٽنگ جي لاءِ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي دبئي مان آندو پيو وڃي، آءِ جي سنڌ کي هن جي گرفتاري جي حوالي سان هدايتون ڪيون آهن، هن چيو ته ڄام عبدالڪريم جو نالو اڄ اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو، هو دبئي مان ووٽ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو آهي جنهن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ هن کي آءِ جي سنڌ جي حوالي ڪيو ويندو، ڄام عبدالڪريم جو نالو انٽر پول ۾ به وڌو ويندو، هن چيو ته جلسو ڪرڻ جي سڀني کي اجازت آهي ڌرڻي جي ڪنهن کي به اجازت ناهي، جيڪو ڌرڻو هڻندو ان کي پڪڙيو ويندو، هن چيو ته اندازو ٿي رهيو آهي ته هنن جون ڄنگهيون ڏڪي رهيون آهن، اپوزيشن ڪا به غلطي ڪئي ته پوءِ هنن کي ڀوڳڻو به پوندو، سمورا رستا ڪليئر رکنداسين ڪنهن لاءِ به رستو بند ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو او آءِ سي اجلاس کي ناڪان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيڪ پاڻ ناڪام ٿي ويا، هن چيو ته جي يو آءِ جو سينيٽر قانون جي پاسداري جي خاطري ڪرائي آهي، ضرورت پئي ته فوج به طلب ڪري سگهون ٿا، ڪنهن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، هن چيو ته اپوزيشن بيوقوف آهي، اپوزيشن عمران خان مقبوليت جي معراج تي پهچائي ڇڏيو آهي، عمران خان کي چيم ته بجيٽ کانپوءِ اسان کي اليڪشن ڏانهن وڃڻ گهرجي، هن چيو ته ڄام عبدالڪريم کي قانون موجب عدالت مان ضمانت وٺڻ گهرجي ها، اسان هن کي ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪنداسين، ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته ڄام عبدالڪريم کي گرفتار ڪيو وڃي، قومي سلامتي جي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جو ذڪر ڪندي شيخ رشيد چيو ته هن ڊي جي ايف آءِ اي کي چيو آهي ته انهن سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي جيڪي پاڪستان جي عظيم فوج جي خلاف بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
105