اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سياسي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جو اجلاس 2 وڳي بني گالا ۾ ٿيندو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ وفاقي وزير شرڪت ڪندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عدم اعتماد جي رٿ جي ناڪامي تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته سڀاڻي واري جلسي جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي، واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر مرحومين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني کانپوءِ اسيمبلي جو اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته وزيراعظم گذريل ڏينهن اسيمبلي اجلاس کانپوءِ سياسي ڪميٽي جو اجلاس به طلب ڪيو هو.
92