اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ڪارڊ جلد سامهون اچڻ وارو آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فيصل جاويد خان چيو ته هاڻي ڪماليا جو وارو آهي،! اچو ته بي اعتمادي آڻڻ تي مخالف ڌر جو شڪريو ادا ڪريون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان ڪماليا ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، عمران خان جو ڪارڊ جلد اچڻ وارو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اها حقيقت آهي ته اڄ اپوزيشن جيڪو اسان لاءِ ڪيو آهي اسان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مان پنهنجي 26 سالا تحريڪن انصاف جي سفر ۾ اهڙي مقبوليت پهرين ناهي ڏٺي جيڪا عمران خان جي آهي، فيصل جاويد خان چيو ته قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته هو سچ سان گڏ آهي، هاڻي جيڪو به ٿئي فتح پاڪستان جي آهي، فتح عمران خان جي آهي، ياد رهي ته مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر 28 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس به طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته هو تحريڪ عدم اعتماد ۾ اپوزيشن کي سرپرائيز ڏيندو، جڏهن ته مخالف ڌر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جو سرپرائيز استعيفيٰ جو اعلان ٿي سگهي ٿو.
91