103

شيخ رشيد کي حڪومت نه پنهنجي وزارت وڃڻ جو ڏک آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه شيخ رشيد جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  شيخ رشيد کي عمران خان جي حڪومت وڃڻ تي افسوس ناهي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شيخ رشيد کي پنهنجي وزارت وڃڻ جو ڏک آهي، ان ڪري شيخ رشيد روز پريس ڪانفرنس ۾ ماتم ڪندو نظر اچي ٿو، هن چيو ته عدم اعتماد جي ووٽ جي تاريخ ڏئي شيخ رشيد ثابت ڪيو ته اسپيڪر گهرو وزارت جي ماتحت آهي، هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر اڳ ۾ ئي سمجهي ٿي ته اسپيڪر جانبدار آهي، شيخ رشيد جي سياست ڊگهي ٿي وئي جيڪا هاڻي ڪچري جي ڍير ۾ ويندي، هن چيو ته شيخ رشيد پنهنجي ون وهيلر وزارت سان ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪري، شيخ رشيد سياسي مسافر آهي جنهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهندو ان کي سوراخ ڪندو، هن چيو ته گورنر سنڌ به هاڻي عجيب قسم جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو آهي، پي ٽي آءِ جا غير قانوني اڪائونٽس هلائيندڙ گورنر، اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو