81

عوام گڏ ٿي ثابت ڪيو ته حڪومت فيل ٿي چڪي آهي، عمران نيازي ۽ سندس ٽيم (ن) ليگ جي شيرن کي ڏسي پريشان آهن: مريم نواز

لاهور (م ڊ) (ن) ليگ جو مهانگائي مارچ لاهور مان شروع ٿي ويو آهي، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم ۽ حمزه شهباز جي قيادت ۾ مارچ لاهور مان روانو ٿيو، مارچ رات گجرانوالا ۾ رهندو، جتي مريمي نواز ۽ حمزه شهباز جلسي کي خطاب ڪندا، ان موقعي تي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته  عمران خان خلاف عوام گهرن مان نڪري،  عوام گڏ ٿي ثابت ڪيو حڪومت فيل ٿي چڪي آهي، عمران نيازي ۽ سندس ٽيم (ن) ليگ جي شيرن کي ڏسي پريشان آهن، مهانگائي جو عذاب نازل ڪندڙن کي آخري ڌڪو ڏيو، اوهان جا سڀ حق موجوده ڪرپٽ ۽ نالائق حڪمران کائي ويو آهي،مهانگائي، ڪرپشن ۽ نالائقي سچ آهي، ساڍن 3 سالن سان قوم سان ڪوڙ سان ڳالهايو ويو، اهي هاڻي نه رهندا،وڏي انگ ۾ عوام گڏ ٿي اهو ثابت ڪيو آهي ته هي حڪومت هاڻي نه گهرجي، کين گهر موڪلڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي صدر اپوزيشن ليڊر شهباز شريف عوام کي گهر مان ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نواز شريف جي سڏ تي سڀ پنهنجن گهرن مان نڪرو عوام مهانگائي جو عذاب نازل ڪندڙن کي آخري ڌڪو ڏئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو