91

بلوچستان جو آزاد اميدوار اسلم ڀوتاڻي حڪومت کان ڌار، اپوزيشن جي حمايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي حڪومت کان ڌار ٿي اپوزيشن جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، روزاني ڊان موجب اسلم ڀوتاڻي حڪومتي اتاحاد مان ڌار ٿي بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين اصف زرداري سان ملاقات کانپوءِ هڪ بيان ۾ اسلم ڀوتاڻي چيو ته منهنجا ۽ منهنجي خاندان جا آصف زرداري سان پراڻا واسطا آهن، آئون کيس نظرانداز ڪري نٿو سگهان.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو