ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين پارٽي ۾ اختلافن جي خبرن تي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي بيان ۾ چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته سمورا سياسي فيصلا منهنجي مشاورت سان ڪيا ويا ۽ مون کي مڪمل حمايت حاصل آهي، اسان جو خاندان ۽ پارٽي هڪ پيج تي آهن، تنهن ڪري جيڪي افواهون هلي رهيون آهن ۽ هلايون پيون وڃن اهي سڀ غلط آهن، هن چيو ته پارٽي يا گهر ۾ سمورا فيصلا منهنجي مشاورت ۽ رضامندي سان ڪيا ويندا آهن، مان وضاحت تي يقين نه ٿو رکان، مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته مون کي خاندان جو سربراهه سمجهيو وڃي ٿو، چوڌري شجاعت جو چوڻ هو ته پئسا ڏيڻ وٺڻ جو لفظ استعمال نه ڪيو وڃي، خاص ڪري پڙهيل لکيل ماڻهو ڏيتي کيتي جي ڳالهه کي پسند نٿا ڪن، غلط قسم جي پروپيگنڊا ڪرڻ يا ڪرائڻ، حقيقتن کي مسخ ڪرڻ يا پيش ڪرڻ به انتهائي نامناسب عمل آهي، ن ليگ جي صدر وڌيڪ چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته اوهان جي خاندان ۾ اختلاف آهن، ان ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي، اسان جو خاندان 50 سالن کان پنجاب نه پر پاڪستان جي سمورن ضلعن ۾ پکڙيل آهي، الله کي حاضر ۽ ناضر ڄاڻي چوان ٿو ته فيصلا منهنجي رضا مندي سان ڪيا ويندا آهن، اختلافن جي پروپيگنڊا ڪري جيڪ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي مايوسي ٿيندي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ کانپوءِ مسلم ليگ ق ۾ اختلافن جون خبرون آيون هيون جنهن کي چوڌري شجاعت حسين ڪوڙيون قرار ڏئي ڇڏيون.
114