اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) ملڪ جي سياست ۾ هڪ اهم موڙ اچي ويو آهي، مخالف ڌر قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته حڪومت جي هڪ اهم اتحادي بلوچستان عوامي پارٽي ( باپ) حڪومت کان منهن موڙي مخالف ڌر جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اهم اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي رٿ پيش ڪري ڇڏي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ به شامل هئي. شهباز شريف اجلاس ۾ رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ته ان تي راءِ جي ڳڻپ ڪرائي وئي، جنهن تي رٿ پيش ڪرڻ جي حق ۾ مخالف ڌر جي 161 ميمبرن راءِ ڏني. جنهن کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي اجازت سان رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. شهباز شريف طرفان رٿ پيش ڪرڻ کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته بي اعتمادي تي بحث 31 مارچ تي ٿيندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 مارچ خميس ڏينهن شام 4 وڳي طلب ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسيمبليءَ جي قائدن موجب ان رٿ تي هڪ هفتي جي اندر ئي ووٽنگ پڻ ٿيندي. ٻي پاسي حڪومتي اتحادي جماعت بلوچستان عوامي پارٽي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ان جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، شهباز شريف، بلاول ڀٽو ۽ بي اي پي جي 4 ايم اين ايز سان گڏ پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي. قومي اسيمبليءَ ۾ بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي ڪل 5 ميمبر آهن جن مان هڪ ايم اين اي زبيده جلال پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿي. پريس ڪانفرنس ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته بي اي پي جي فيصلي جو قدر ڪريون ٿا، ساٿ ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو الله موقعو ڏنو ته بي اعتمادي جي نتيجي ۾ حڪومت ٺهندي، بلوچستان جي عوام جي تڪليف ختم ڪرڻ لاءِ انهن جو ساٿ ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پرڏيهي مداخلت پاڪستان جي مفادن جي خلاف آهي ته ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ آندو وڃي، سندس چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان خط پارليامينٽ ۾ آڻي، پاڪستان خلاف پرڏيهي مداخلت ثابت ٿي ته آئون پاڻ عمران سان گڏ بيهندس. هن وڌيڪ چيو ته پر پرڏيهي مداخلت جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ عمران خان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي. تحريڪ انصاف کليل نموني پرڏيهي فنڊنگ ورتي آهي. ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اسين جلد کان جلد، شهباز شريف کي وزيراعظم ڪنداسين، اڄ ڪلهه بي اعتماديءَ جي مند آهي، بي اعتمادي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ تي بلوچستان جي ميمبرن جا ٿورائتا آهيون، بي اي پي پنهنجو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ ڪيو آهي. پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ق ليگ سان اڃان ڳالهين جي گنجائش موجود آهي، جي يو آءِ جو پارلياماني بنياد خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان آهي، اسان بلوچستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهيون، بلوچستان جو عوام اسان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي سندس آقائن پنهنجي ايجنڊا لاءِ موڪليو هو، جڏهن هو پنهنجي آقائن جا مقصد پورا نه ڪري سگهيو ته اهو هاڻي پنهنجي آقائن تي ئي بار ٿي پيو آهي، جيئن قوم جي نظرن ۾ ڪري پيو آهي تيئن عالمي برادري ۽ پنهنجي آقائن جي نظرن ۾ پڻ ڪري پيو آهي. پ پ چيئرمئن بکاول ڀتو چيو ته اسان جي جمهوري جدوجهد آهي، اسان ڪو به غير جمهوري قدم نه کنيو آهي، اسين مگسي کي سلام ٿا ڪريون، بلوچستان وارا بهادر آهن. هن چيو ته اسان جا نمبر شروع کان ئي پورا آهن جيڪي اڃان وڌي به رهيا آهن. بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو ته سڀ جماعتون هڪ پيج تي آهن، هڪ پيج تي آڻڻ لاءِ حالتن مجبور ڪيو فوج نه، بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ بدران اسان تي ٽوڪ ڪئي وئي، بي اعتمادي تي اسان کي ڪاميابيون ملي رهيون آهن، حڪومت جا نمبر مائنس ٿي رهيا آهن. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد مگسي چيو ته اسان جي لاءِ هن وقت اهو موقعو آهي ته اسين مخالف ڌر جي آڇ قبول ڪريون، سمورا معاملا مشاورت سان طئي ڪيا آهن، اسين چاهيون ٿا ته ملڪ کي نئين انداز سان سنڀاليو وڃي. ٻي پاسي ذريعن موجب پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي ايڊمنسٽريٽر طور مقرر ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان پ پ چيئرمين وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي اسلام آباد طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب مراد علي شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪندا، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم نمائندن کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
113