119

ق ليگ جي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ ۾ مونس الاهي جو ڪردار هو: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته مونس الاهي ن ليگ کي اپوزيشن ڇڏڻ ۽ حڪومت سان هٿ ملائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته چوڌرين اسان کي رات جو چيو ته صبح جو عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرايو، صبح جو صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ مونس الاهي جي چوڻ تي هو حڪومت ۾ شامل ٿيو.راڻا ثناءُ الله اها دعويٰ به ڪئي ته بي اعتمادي لاءِ اپوزيشن کي گهربل 172 ميمبرن جو انگ پورو ٿي ويو آهي، هن چيو ته حڪومت هارايل راند کيڏي رهي آهي، 6 ڏينهن باقي آهن، اسان پارليامينٽ جو 172 نمبر پورو ڪري ورتو آهي، اسان کي مسلم ليگ (ق) جا ٽي ووٽ به ملندا.هن دعويٰ ڪئي ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي ڀاءُ به اپوزيشن کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ هو کيس چيلينج ڪري رهيو آهي ته ان جي ترديد ڪري ڏيکاري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو