اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 اپريل تي ٿيندي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته بي اعتمادي واري رٿ تي 31 مارچ تي بحث ٿيندو، جنهن کانپوءِ ووٽنگ 3 اپريل تي ٿيندي، بي اعتمادي واري رٿ تي آخري ڪلاڪ تائين فيصلو ويندو، هن چيو ته سياست ۾ فتحون ۽ شڪستون هونديون آهن پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته قوم عمران خان سان گڏ آهي. شيخ رشيد چيو ته اتحادين بابت چيو هو ته مسلم ليگ (ق) اسان سان گڏ ايندي، هاڻي دعا آهي ته ايم ڪيو ايم به اسان سان گڏ اچي ڇو ته ايم ڪيو ايم جو فيصلو تمام فيصلائتو هوندو پر ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شامل ناهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو به انتظار آهي عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازشون ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ وارا ناڪام ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ڪوشش آهي ته مخالف 172 ماڻهو پورا نه ڪري سگهي ، مان تمام گهڻو پريشان هوس پر الله ڏيکاريو ته عوام عمران سان گڏ آهي، چاهي اليڪشن جو ڪجهه به نتيجو اچي، شيخ رشيد چيو ته مان فوري چونڊن جي حق ۾ آهيان، حج کانپوءِ چونڊون ٿيڻ گهرجن، عمران خان کي سٺي بجيٽ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته پنڊي وارا ذميوار ماڻهو آهن، هو پاڪستان سان گڏ آهن ۽ حالتن کان چڱي ريت واقف آهن، هو پاڪستان جي معاملن کي سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي غير جانبداري ڏيکارين ته سٺي ڳالهه آهي، ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي.
106