اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) بي اي پي کان پوءِ وفاقي حڪومت جي هڪ ٻي اهم اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم به ان کان ڌار ٿي وئي آهي. جنهن جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ مخالف ڌر جي پارٽين اهڙو اعلان هڪ معاهدو ٿيڻ کان پوءِ ڪيو آهي. اهو معاهدو اڱاري ۽ اربعا واري رات جو دير سان لکيو ويو جنهن تي ايم ڪيو ايم طرفان خالد مقبول صديقي ۽ پيپلز پارٽي طرفان بلاول ڀٽو صحيح ڪئي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف، اختر مينگل ۽ خالد مگسي ان معاهدي تي ضامن طور صحيح ڪئي. اربعاء ڏينهن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي جي توثيق کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن مخالف ڌر جي قيادت سان گڏجي پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ مخالف ڌر سان بي اعتمادي رٿ ۾ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جڏهن ته معاهدي جي توثيق ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزيرن امين الحق ۽ فروغ نسيم پنهنجي وزارتن تان استعيفا وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي. ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي مخالف ڌر جي قيادت سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مخالف ڌر سان ٿيل معاهدي جي ڪابه شق اسان جي فائدي جي نه آهي پر رڳو ملڪ جي مفاد ۾ ئي آهن، اسين چاهيون ٿا ته سياسي اختلاف وساري اڳتي وڌون. هن چيو ته قومي قيادت امتحان مان پئي گذري، اسان گڏيل اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان ٿيل معاهدو بي اعتمادي رٿ سان مشروط نه آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو ته ايم ڪيو ايم صوبي ۽ ڪراچيءَ جي مفاد ۾ فيصلو ڪيو آهي، ان جو حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ مخالف ڌر سان شامل ٿيڻ وارو فيصلو تاريخي آهي، اسين هر صورت ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي ويٺو آهي استعيفا ڏي. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته وزيراعظم ڀلي سليڪٽڊ ئي ڇو نه هجي اها جمهوري روايت ۽ طريقو آهي ته جڏهن وزيراعظم عددي قوت وڃائي چڪو آهي ته استعيفا ڏئي نئين روايت قائم ڪري. پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، ساڍا ٽي چار سال اڳ ان ڊرامي جي شروعات ٿي هئي ۽ اڄ ڊراپ سين ٿيو آهي، توهان ۾ ٿورو به اخلاق آهي ته اڄ استعيفا ڏيو. بي اين پي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو ته اسين عمران خان جا پراڻا اتحادي آهيون، اسين سياسي ڳالهه ئي ڪنداسين ته وزيراعظم اڪثريت وڃائي ويٺو آهي هاڻي استعيفا ڏئي ڇڏي، اسين نئون يا پراڻو نه پر مختلف پاڪستان چاهيون ٿا. ٻي پاسي سنڌ هائوس ۾ مخالف ڌر جي قيادت جو اهم اجلاس ٿي جنهن ۾ اڳوڻو صدرآصف علي زرداري، شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪئي. ان اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جا وڌيڪ ڪيترائي ميمبر به پهچي شريڪ ٿيا جنهن کان پوءِ سنڌ هائوس ۾ پهتل ميمبرن جو انگ وڌي 199 ٿي ويو . سنڌ هائوس پي ٽي آءِ جا وڌيڪ 3 ميمبر پڻ پهچي ويا جنهن کان پوءِ پيٽي آءِ جي ڦري ويل ميمبرن جو انگ 22 ٿي ويو آهي. وڌيڪ پهتل ميمبرن ۾ عامر لياقت حسين، فواد چوڌري جو سئوٽ فرخ الطاف به شامل آهن.
