93

بي اعتمادي رٿ پاڪستان خلاف پرڏيهي سازش آهي، مخالف ڌر انهن جي سهولتڪار آهي،آخري بال تائين کيڏندس: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ سازشي خط بابت اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ پاڪستان جي خلاف هڪ وڏي پرڏيهي سازش آهي، مخالف ڌر انهن جي سهولتڪار آهي، آئون آخري بال تائين کيڏيندس. اربعاء ڏينهن وفاقي ڪابي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾  وزيراعظم ڪابينا کي خط بابت اعتماد ۾ ورتو. جڏهن ته  وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ڇڏي ۽ چيو ته اسان کي توهان جي قيادت تي ڀروسو آهي، ڪابينا خط کي پاڪستان خلاف سازش پڻ قرار  ڏئي ڇڏيو، ڪابينا ميمبرن وزيراعظم کي خط تي قومي اسيمبلي جو ان ڪيمرا اجلاس گھرائڻ جي تجويز پڻ ڏني. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته مون پنهنجي ذات بدران ملڪي مفاد جي سياست ڪئي، خط جو بي اعتمادي رٿ سان وڏو واسطو آهي، آئون  آخري بال تائين کيڏندس ۽ انهن کي گرائونڊ مان ٻاهر ڪڍندس، عوام اسان سان گڏ آهي. ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته پرڏيهي  سازش هيٺ چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مخالف ڌر پرڏيهي ساذش ۾ انهن جي سهولتڪار ٿيل آهي.ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته ايم ڪيو ايم، بي اي پي جي پارلياماني ليڊرز کي اهم ايشو تي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. ذريعن موجب وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ اتحادين جي نه اچڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي ايشو تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي ها. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ملاقات ڪئي پر کين اعلان موجب خط نه ڏيکاريو. ذريعن موجب ملاقات ۾ اسد عمر ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني ۽ خط جا تفصيل شيئر ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ٻڌايو ته خط عسڪري قيادت سان شيئر ڪيو ويو آهي، خط ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي وئي، اها ٻڌائي نه ٿا سگهون. وزيراعظم چيو ته خط تي پارليامينٽ کي ان ڪيمرا بريفنگ ڏينداسين، جڏهن ته اهو خط اسان جي پنهنجي سفير طرفان لکيو ويو آهي، ملڪ جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون، خط تي نيشنل سيڪيورٽي قانون لاڳو ٿين ٿا. هوڏانهن  اسلام آباد ۾ اي پاسپورٽ جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پارلياماني جمهوريت ۾ سياسي بحران ايندا رهندا آهن ۽ بي اعتمادي رٿ هڪ جمهوري عمل آهي پر موجوده بي اعتمادي واري رٿ پرڏيهي سازش آهي، پرڏيهه مان جيڪي ماڻهو هڪ ٽيليفون ڪال تي پوري ملڪ کي ڪنٽرول ڪندا هئا سي اهو برداشت نٿا ڪري سگهن ته اهڙي قيادت اچي جيڪا ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري، هن چيو ته ماضي ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ملڪ جو وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، قبائلي علائقن کان 35 لک ماڻهو لڏپلاڻ ڪئي، ماضي هتي ڊرون حملا ڪيا ويا پر ان جو سبب ئي نه پڇيو ويو، ڪنهن ٻي ملڪ کي فائدو پهچائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي مفاد تان هٿ کنيو ويو، وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي ۾ پنهنجي ملڪ جي مفاد کي مٿانهون رکيو ويندو آهي. اها سازش جيتري اسان چئي رهيا آهيون ان کان گهڻي وڏي آهي، هن چيو ته ميمبرن کي جيڪو فيصلو ڪرڻو آهي ڪري پر اهو ضرور سوچين ته هو پاڪستان جي خلاف ڪنهن عالمي سازش جو حصو نه ٿي وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو