83

وزيراعظم پئسن جون ٻه يا چار ٽرڪون مونکي ڏئي ها ته ڳالهه ايستائين نه وڌي ها: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم پئسن جون ٻه يا چار ٽرڪون مونکي ڏئي ها ته ڳالهه ايستائين نه وڌي ها، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪيڙن ماڪوڙن پئسا وٺي پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو، مال اپوزيشن جي ڪمزوري آهي ضمير فروش ناڪام ٿيندا، ضمير وڪرو ڪندڙن جي سوچ ڪهڙي به هجي عوام جي سوچ ۽ ووٽ عمران خان سان گڏ  آهي، ان سان گڏ ٻيٺو آهيان، هن چيو ته ايندڙن چونڊن ۾ اوهان جي مقبوليت وڌندي، اهي هلي اوهان وٺ ايندا، عمران خان سڀني کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي، اهي گيٽ نمبر چار جي ايڇ ڪيو جي پيدا وار آهن، گل حميد سندن سياسي صلاحڪار هو، سڀ ڄاڻين ٿا ته ميثاق جمهوريت ڪنهن ڪرايو، ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان عسڪري عملدارن جون اڄ ٻه ملاقاتون ٿيون، نه ڪنهن استعيفيٰ گهري ۽ نه هو ڏيندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي استحڪام ۽ قومي سلامتي جي ضامن آهي، اسان فوج ۽ قيادت جي مقام جو احترام ڪيون ٿا. هن چيو ته نواز شريف جو مسئلو هو ته هُو ادارن کي فتح ڪرڻ جي چڪر ۾ رهندو هو، ڌمڪيون ڪنهن به خودمختار ملڪ لاءِ قبول ناهن، عمران خان پاڪستان جي حرمت ۽ خودمختياري جي لاءِ وڙهندو، خط کي پارليامان جي ان ڪئميره سيشن ۾ رکون پيا. هن چيو ته اسان نه پوئتي آهيون نه ڪمزور آهيون، جڏهن بازي پلٽو کائيندي ته سڀ ڏسندا، اسان ادارن سان اڳتي به ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو